نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران سينيئر صحافي ۽ اي پي پي جي اڳوڻي سب ايڊيٽر خالد اعواڻ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 02 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي ۽ ايسوسيئيٽيڊ پريس اف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي) جي اڳوڻي سب ايڊيٽر خالد اعواڻ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خالد اعواڻ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، مرحوم جي صحافتي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم خالد اعواڻ کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں