انفارميشن گروپ جو گريڊ 20 جو آفيسر مبشر حسن ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر مقرر

image

اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) انفارميشن گروپ جي گريڊ 20 جي آفيسر مبشر حسن کي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل/ پرنسپل انفارميشن آفيسر (بي ايس 21) پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ مقرر ڪيو ويو آهي. اطلاعات واري وزارت پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب مبشر حسن جي مقرري سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي ذيلي شق 10 تحت ٿي آهي. واضح رهي ته مبشر حسن انفارميشن گروپ جو سينيئر آفيسر آهي جيڪو مختلف اهم عهدن تي رهي چڪو آهي. مبشر حسن نيشنل ڊفينس يونيورسٽي اسلام آباد مان نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 2024ع پڻ ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي.

مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں