صدر آصف علي زرداري سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف جي ملاقات

image

اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب ملاقات ۾ چيف آف نيول اسٽاف صدر کي عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. هن صدر کي ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪ بحريه جي آپريشنل تيارين بابت آگاهه ڪيو. نيول چيف چيو ته پاڪ بحريه ملڪ جي ساموندي سرحدن جو دفاع ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. صدر ملڪ جي سامونڊي مفادن جي تحفظ ۾ پاڪ بحريه جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : estatisticas para ganhar na loteria
متعلقہ مضامین
مزید خبریں