ڪرپشن، نااهلي ۽ نالائقي کي برداشت نه ڪيو ويندو، پي ڊبليو ڊي کي ختم ڪرڻ جو منهنجو فيصلو ان خرابي کي ختم ڪرڻ طرف هڪ قدم آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪرپشن، نااهلي ۽ نالائقي کي برداشت نه ڪيو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) کي ختم ڪرڻ جو منهنجو فيصلو ان خرابي کي ختم ڪرڻ طرف هڪ قدم آهي جيڪو اسان جي نظام کي اندران ڪينسر وانگر کائي رهيو آهي. هن چيو ته هڪ ايماندار، ديانتدار ۽ اهل بيوروڪريسي بڻائڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهيان جيڪا اعليٰ معيار جي عوامي خدمت فراهم ڪندي ۽ حڪمراني جي معيار کي بلند ڪندي.

مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد